چونڊن واري ڏينهن موبائل ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي ڪابه هدايت نه ڏني وئي آهي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد: نگران اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊن واري ڏينهن موبائل سروس ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي ڪابه هدايت نه ڏني وئي آهي.

مرتضيٰ سولنگي پنهنجي بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي سنجيد مسئلو آهي، حڪومت جي طرفان چونڊن جي موقعي تي موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي ڪابه هدايت نه ڏني وئي آهي. ڪنهن به جڳهه امن امان جي صورتحال خراب ٿئي ٿي ته مقامي انتظاميه صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ فيصلو ڪري سگهي ٿي.

مرتضيٰ سولنگي وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين ڪابه اهڙي صورتحال سامهون نه آهي. سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون، ۽ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي سيڪيورٽي سنجيده مسئلو آهي. دهشتگردن جي خلاف وڙهڻ لاءِ پاڪستان جي ارادن ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي آهي.

نگران اطلاعات واري وزير موجب ڪابل ۾ افغان طالبان جي عبوري حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ مختلف دهشتگرد گروپن جي ڪاررواين ۾ اضافو ٿيو آهي. صرف گذريل سال دهشتگردي جا تقريبن 1500 واقعا ٿيا آهن. مرتضيٰ سولنگي چيو ته مقامي، پرڏيهي صحافين ۽ مبصرين جي سهوليت اطلاعات واري وزارت طرفان هڪ آن لائين هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔