آءِ ايم ايف پي آءِ اي جي نجڪاري جو پلان منظورڪري ورتو

اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) قومي ايئر لائين پي آءِ اي جي نجڪاري جو پلان منظور ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف اختيارين سان  نجڪاري ۽ ناڻي واري وزارت جي اختيارين جون ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن جنهن ۾ آءِ ايم ايف کان پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ قرض ري شيڊولنگ پلان جي اصولي منظوري ورتي وئي آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پي آءِ اي جي قرض ري شيڊول پلان لاءِ حتمي منظوري وفاقي ڪابينه کان ورتي ويندي. جڏهن ته نجڪاري ڪميشن ۽ ناڻي واري وزارت جي پلان موجب آءِ ايم ايف  پي آءِ اي جو نجڪاري پلان منظور ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف هڪ سال لاءِ پاڪستان جي حڪومت کي پي آءِ اي قرض تي وياج ادا ڪرڻ لاءِ اتفاق ڪري ورتو آهي. 280 ارب قرض تي بينڪن کي پاڪستان جي حڪومت 12 سيڪڙو وياج تي هڪ سال لاءِ ادا ڪندي.

آءِ ايم ايف چيو آهي ته بينڪن کي پي آءِ اي جي قرض تي وياج جي ادائيگين جو بار هڪ سال کان وڌيڪ وقت جي لاءِ نه هوندو.

ذريعن موجب پي آءِ اي جي نجڪاري هڪ سال ۾ ڪري قرض ادائيگين جو پلان ٺاهيو ويندو. نجڪاري کان پوءِ روز ويلٽ هوٽل ۽ پي آءِ اي جي ڊيوڊنڊ تان قرض ادائيگين جو پلان ٺاهڻ جو امڪان آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪابينه مان منظوري ملڻ پوءِ ڪمرشل بينڪن طرفان پي آءِ اي تي ادائيگين جو چارج ختم ٿيڻ سان نجڪاري جلد ٿيندي. پي آءِ اي قرض ري شيڊولنگ پلان تي هلندڙ هفتي جي دوران آءِ ايم ايف کان وڌيڪ ڳالهيون جاري رهنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔