اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن: اهم اڳواڻ ايوب منصور 2 ساٿين سميت مارجي ويو

راولپنڊي:اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سبب دهشتگردن جو اهم اڳواڻ ايوب منصور 2 ساٿين سميت مارجي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو جنهن ۾ فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردن جو اهم اڳواڻ ايوب الله منصور ٻن ساٿين سميت مارجي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ آيو آهي. مارجي ويل دهشتگرد ٽارگيٽ ڪلنگ سان گڏوگڏ ڀته خوري ۽ بي گناهه شهرين جي اغوا سميت دهشتگردي جي ٻين ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته علائقي  مان ٻين دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. علائقي جي مقامي ماڻهن آپريشن جي تعريف ڪئي آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تعاون جو يقين ڏياريو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔