پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پاران هڪ ٻئي تي ڪراچيءَ جون حالتون خراب ڪرڻ جا الزام

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته  ايم ڪيو ايم ناظم آباد کي نو گو ايريا بڻائي ڇڏيو آهي، رات حملي ۾ اسان جا 3 ڪارڪن زخمي ٿيا، پوليس جي موجودگي ۾ ناظم آباد ۾ فائرنگ ڪئي وئي، ايم ڪيو ايم جي ايف آءِ آر ته جلد داخل ڪئي وڃي ٿي پر اسان جي داخل نه ٿي ڪئي وئي، وقار مهدي چيو ته ڪالهوڪي واقعي جو ذميوار مصطفيٰ ڪمال آهي، مصطفيٰ ڪمال جي چڙ ڏياريندڙ زبان سبب ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن اشتعال ۾ آيا

ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته پ پ اڳواڻ مسرور احسن ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته 9 فيبروري تي توهان کي ڏسنداسين، اسان جي هٿين خالي ڪارڪنن تي فائرنگ ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ پيپلزپارٽي جو هٿ آهي، پيپلزپارٽيءَ کي ڪراچي تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، 15 سالن کان صبر کان ڪم وٺي رهيا آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔