مهانگائي ۾ گهٽتائي، نيب جو خاتمو، 1 ڪروڙ نوڪريون، ن ليگ منشور

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) عام چونڊن 2024 جي لاءِ پنهنجو چونڊ منشور عوام جي سامهون پيش ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ليگ(ن) جي منشور ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي ماڊل ٽائون ۾ نوازشريف ۽ شهباز شريف جي موجودگي ۾ پارٽي منشور جو اعلان ڪيو.سينيٽر عرفان صديقي چيو ته منشور جي جوڙجڪ لاءِ 32 ڪميٽين ڏينهن رات محنت ڪئي. منهنجي لاءِ تمام گهڻو آسان هو ته مان 8 کان 10 صفحن جو منشور لکي ڪنهن اڳواڻ کي ڏئي چئي ڇڏيان ها ته هي پڙهي ڇڏ. پر اسان کي انهي ۾ ٻڌائڻو هو ته گذريل حڪومتن جي ڪارڪردگي ڪهڙي رهي آهي ۽ ڪهڙي حڪومت ڪهڙا ڪم ڪيا.مسلم ليگ(ن) طرفان پيش ڪيل منشور ۾ زراعت جي جدت ۽ هاري جي خوشحالي شامل آهي. جڏهن ته موسمياتي تبديلين جي اثرن سان ملڪ کي محفوظ بنايو ويندو.منشور ۾ آئيني، قانوني، عدالتي ۽ انتظامي اصلاحن جي منصوبه بندي به شامل ڪئي وئي آهي. آئيني اصلاحن ۾ اهو به شامل ڪيو ويو آهي ته آرٽيڪل 63/62 کي پنهنجي اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي. جڏهن ته نيب جو خاتمو ڪيو وڃي.پي ايم ايل(ن) منشور 2024-2029 ۾ بجلي جي بلز ۾ 20 کان 30 گهٽتائي آڻڻ جڏهن ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو به واعدو ڪيو.نوازليگ سرحد پار امن جو پيغام ڏيڻ جو به ارادو ظاهر ڪيو.منشور ۾ زراعت کي اهميت ڏني وئي آهي ننڍين هارين جي لاءِ وياج کان پاڪ قرضن جي فراهمي فصل جي نقصان ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال شامل آهي. منشور تي عمل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ڪونسل جو قيام به عمل ۾ آندو ويندو جيڪو حڪومتي ڪارڪردگي جي ٽه ماهي رپورٽ جوڙيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔