ٽيلر سوئفٽ اي آئي ٽيڪنالاجي جو شڪار،جعلي تصويرون وائرل

لنڊن: مشهور آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ به آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي جو نشانو بڻجي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ٽيلر سوئفٽ آن لائن گردش ڪندي پنهنجي جعلي تصويرن تي سخت ناراض ۽ ڪاوڙيل آهي.رپورٽن مطابق ٽيلر سوئفٽ انهن تصويرن جي استعمال ۽ ورهائڻ تي ڊيپ فيڪ فحش ويب سائيٽس خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ٽيلر سوئفٽ جي مداحن به انهن جعلي تصويرن جي معاملي تي ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل هفتي انٽرنيٽ تي ٽيلر سوئفٽ جون جعلي ۽ نامناسب تصويرون سامهون آيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔