ايڪس ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪالنگ فيچر دستياب

واشنگٽن:جيڪڏهن توهان اينڊرائيڊ فونز تي ايڪس ٽيوٽرجو نئون نالو) ايپ استعمال ڪندا آهيو ته سٺي خبر اها آهي ته توهان ان تي آڊيو ۽ وڊيو ڪال ڪري سگهو ٿا.جي ها، ايلون مسڪ جي ملڪيت واري سوشل ميڊيا پليٽ فارم اينڊرائيڊ صارفين لاءِ آڊيو ۽ وڊيو ڪالنگ جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. پر ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اوهان ايڪس جي سبسڪريپسن پروگرام جو حصو بڻجو. هر واهپيدار آڊيو يا وڊيو ڪال جي سهولت مان فائدو وٺي سگھندو پر ماهوار فيس ادا ڪندڙ ئي اها سهولت استعمال ڪري سگھندو. واهپيدار آڊيو يا وڊيو ڪالز کي ڊائريڪٽ ميسيجز سيٽنگز ذريعي ڪنٽرول ڪري سگھندا جڏهن ته ڪنهن فرد کي ڪال ڪرڻ لاءِ ايڪس تي گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڊائريڪٽ ميسيج موڪلڻ ضروري هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔