نائيجيريا ۾ پيءُ ۽ چاچي سميت 6 ڀينرون اغوا، 2 ڄڻا قتل

ابوجا :نائيجيريا ۾ اغوا بعد يرغمال بڻيل 5 ڀينرن ۽ سندن پيءُ کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو پر اغوا ڪندڙن هڪ ڀيڻ ۽ ڇوڪري جي چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو.پرڏيهي خابرو اداري موجب نائيجيريا جي راڄڌاني ابوجا ۾ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ 6 ڀينرن کي سندن پيءُ ۽ چاچي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو هو.ميڊيا رپورٽن موجب اغوا ڪندڙن ڇوڪرين جي گهرڀاتين کان 70 هزار ڊالر گهريا، پر هنن ڇوڪريءَ جي ڀيڻ ۽ چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڇنڇر جي رات اتر نائيجيريا جي جنگل ۾ پوليس ۽ فوج جي گڏيل آپريشن ۾ 5 ڇوڪرين کي بازياب ڪرايو ويو. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اغوا ڪندڙن سندن آزاديءَ لاءِ ڀنگ جو مطالبو ڪيو هو، پر پوليس بيان ۾ ڪنهن کي به رقم ڏيڻ جو ذڪر ناهي ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔