سيڪيورٽي خدشن سبب اسلام آباد جي 4يونيورسٽيز کي بند ڪيو ويو

سيڪيورٽي ادارن اسلام آباد ۾ ڪجهه تعليمي ادارن تي حملن جو امڪان ظاهر ڪندي ان حوالي سان ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ حملن ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب چار يونيورسٽين کي بند ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد جي ڏورانهين علائقن ۾ رات دير سان سيڪيورٽي ادارن سرچ آپريشن به ڪيا آهن انهن ۾ ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي حوالي سان ڪي به اطلاع سامهون نه اچي سگهيا آهن.ٿريٽ الرٽ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم طرفان يونيورسٽين تي حملن خاص طور تي آپگهاتي حملن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب اهڙين يونيورسٽين ۾ قائداعظم يونيورسٽي، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي، ايئر يونيورسٽي ۽ بحريه يونيورسٽيون شامل آهن جنهن کي اڻڄاتل مدي جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي ۽ شاگردن کي ان حوالي سان رات دير سان آگاهه ڪيو ويو آهي. في الحال ان جي باري ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته اهڙين يونيورسٽين کي شاگردن جي لاءِ ڪڏهن کوليو ويندو پر امڪان  ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڪيترن ئي ڏينهن تائين اهي يونيورسٽيون بند رهنديون.

اسلام آباد ۾ تعليمي ادارن جي اوچتو موڪلن واري معاملي تي آءِ جي اسلام آباد جو وڊيو پيغام سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته اسلام آباد ۾ تعليمي ادارن جي حوالي سان ڪجهه خبرون هلي رهيون آهن، مان عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي ۽ امن امان جون حالتون ڪنٽرول ۾ آهن .

ڊاڪٽر اڪبر ناصر چيو ته اسلام آباد ۾ غير قانوني اجتماعن تي مڪمل پابندي آهي جيڪڏهن ڪوبه غيرقانوني اجتماعن جي ڪوشش ڪري ٿو ته اسان ان کي ٻڌائيندا آهيون ته ڪنهن به اڳواٽ اطلاع يا امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اجتماع نٿا ڪري سگهجن. ان جي باوجود اسان انهن کي سيڪيورٽي ڏيندا آهيون. هن وقت حالتون اهڙيون نه آهن جو اوهان خوف جي ڪري پنهنجي تعليمي ادارن ۽ معمول جي زندگي ۾ ڪابه تبديلي  آڻيو.

هن چيو ته پوليس دل جان سان اوهان جي خدمت ڪندي رهندي. هڪ محفوظ ماحول ڏنو ويندو جنهن ۾ چونڊون پرامن طريقي سان ممڪن ٿي سگهنديون. اسلام آباد ۾ اهڙي صورتحال نه آهي جنهن جي ڪري عام زندگي متاثر ٿئي. عوام افواهن تي ڌيان نه ڏئي. غيرضروري قدم نه کنيا وڃن جنهن سان سيڪيورٽي جي صورتحال جو امڪان هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔