پاڪستان پاران ايران اندر ڪيل حملن دوران مارجي ويل دهشتگردن جا اهم تفصيل سامهون اچي ويا

پاڪستان پاران ايران اندر ڪيل حملن دوران مارجي ويل دهشتگردن جا اهم تفصيل سامهون اچي ويا

 سيڪيورٽي ذريعن موجب حملن ۾ مارجي ويل دهشتگرد دوسته عرف چيئرمين بلوچستان جي پنجگور ضلعي جو رهواسي هو

سيڪيورٽي ذريعن موجب دوسته 2013 ۾ بندش پيل تنظيم بي ايل ايف ۾ شامل ٿيو، دوسته عرف چيئرمين منشيات فروشي، ڦرلٽ ۽ قومي ادارن جي اهلڪارن تي حملن ۾ ملوث رهيو

تفصيلن  موجب پاڪستاني حملي ۾ مارجي ويل دهشتگردن ۾ اصغر عرف بشام جو پٽ سرور به شامل آهن، اصغر عرف بشام ايف سي جي جوانن ۽ شهرين تي دهشتگرد حملا ڪيا

 پاڪستاني حملي ۾ دهشتگرد محمد وزير عرف وازو بروم ۽ گوارڪو به دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ ملوث هئا، مارجي ويل دهشتگرد بجر عرف سوغات ۽ ساحل لنگ عرف شفق به دهشتگرديءَ جي وارداتن ۾ ملوث هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔