پاڪ افغان سرحد ويجهو سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: زوب ضلعي ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب 22 جنوري تي پاڪستان افغان سرحد ويجهو ضلعي زوب جي سمبازه سيڪٽر ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز ڀرپور ڪارروائي ڪندي فرار ٿيندڙ دهشتگردن جو گهيرو ڪري ورتو جنهن جي نتيجي ۾ 7 ئي دهستگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي خلاف دهشتگردي جي سرگرمين سان گڏ معصوم شهرين جي قتل ۾ به ملوث هئا. مارجي ويل دهشتگرد کان هٿيار، بارودي مواد ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔