عام چونڊن ۾ ڊيوٽي لاءِ هڪ لک 68 هزار سيڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ

اسلام آباد: عام چونڊن دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۽ پولنگ اسٽيشن تي ڊيوٽي لاءِ هڪ لک 67 هزار 733 اهلڪارن جي کوٽ سامهون اچي وئي آهي.

سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڊيوٽي لاءِ 5 لک 35 هزار 402 سيڪيورٽي اهلڪارن جي ضرورت آهي. پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد جي لاءِ پولنگ ڊي تي 3 لک 67 هزار 669 سيڪيورٽي اهلڪار موجود آهن.

اسلام آباد ۾ 4500، پنجاب ۾ 1 لک 30 هزار سيڪيورٽي اهلڪار پولنگ ڊي تي سيڪيورٽي لاءِ دستياب آهن. سنڌ ۾ هڪ لک پنج هزار، ڪي پي ڪي ۾ 89 هزار 959 ۽ بلوچستان ۾ 38 هزار 210 صوبائي سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. چئني صوبن سيڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ بابت وفاقي حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔