ڪراچي: موسميات کاتي ملڪ جي مخلتف علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ جڏهن ته ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
موسميات کاتي موجب پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ مٿانهين سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي جو موسم جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته اڄ شام جو ڪجهه علائقن ۾ بوندا بادي جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته آچر ۽ سومر تي شهر جو موسم جهڙالو رهڻ ۽ ڪجهه علائقن ۾ برسات سبب ٿڌ ۾ واڌ جو پڻ امڪان آهي. شهر جو گهٽ کان گهٽ گرمي پد 13 کان 15 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته شهر ۾ اتر اوڀر ۽ مغرب کان به هوائون هلنديون رهنديون.
ٻئي پاسي بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ کنوڻ سان برسات کان پوءِ موسم ٿڌو ٿي ويو. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀني کان وڌيڪ ٿڌ اسڪردو ۾ پئي جتي پارو ڪاٽو 9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو ان کان علاوه وفاقي گادي وارو شهر اسلام آباد ڪوهيڙي جي لپيٽ ۾ رهيو جنهن سان فلائيٽ شيڊول متاثر ٿي رهيو آهي. اسلام آباد جي لاءِ 3 اڏامون ڪراچي ۽ لاهور ۾ لاٿيون ويون.