بجلي جي بلن تي گذريل ٽن سالن دوران 1410 ارب روپيه ٽيڪس وصولي جو انڪشاف

ڪراچي: بجلي جي بلن تي گذريل 3 سالن دوران اربين روپين جي ٽيڪس وصولي جو انڪشاف ٿيو آهي.

بجلي جي بلن تي لڳايل ٽيڪسز حڪومت جي لاءِ آمدني جو وڏو ذريعو بڻجي ويا. گذريل 3 سالن دوران  انهي مد ۾ 1410 ارب روپين جي ٽيڪس وصولي ڪئي وئي.

انگن اکرن موجب ٻن سالن دوران بجلي جي بلز تي ٽيڪس وصولي جي شرح ٻيڻي ٿي وئي. 2021 ۾ بجلي صارفين کان 345 ارب کان وڌيڪ ٽيڪس وصوليون ڪيون ويون.

2022 ۾ انهي مد ۾ 461 ارب ۽ 2023 ۾ 603 ارب روپين کان وڌيڪ ٽيڪس ورتا ويا. انگن اکرن موجب ٽيڪس وصولي بجلي جي اصل قيمت کان ڌار آهي.

پي ٽي وي فيس جي مد ۾ 25 ارب 70 ڪروڙ، انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 180 ارب کان وڌيڪ وصوليون ڪيون ويون. صارفين اصافي ٽيڪس جي مد ۾ 89 ارب 69 ڪروڙ روپيه ادا ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔