عمران خان جا ڪيس ٻڌندڙ احتساب عدالت جي جج محمد بشير رٽائرمينٽ تائين موڪلن جي درخواست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  پي ٽي آءِ باني عمران خان جي خلاف داخل ڪيل ڪيسز تي ٻڌڻي ڪندڙ احتساب عدالت جي جج محمد بشير پنهنجي رٽائرمينٽ تائين موڪل جي درخواست  ڏئي ڇڏي آهي جنهن جو سبب هن طبيعت خراب هجڻ ٻڌايو آهي.

ذريعن موجب جج محمد بشير 14 مارچ 2024 تي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي پر هن نوڪري جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ئي موڪل جي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب جج محمد بشير 24 جنوري کان 14 مارچ تائين موڪلن جي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير خط اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ انصاف ۽ قانون واري وزارت  کي لکيو آهي

ذريعن ٻڌايو آهي ته جج محمد بشير جو لکيل خط هاءِ ڪورٽ، قانون ۽ انصاف واري وزارت کي ملي ويو آهي. ذريعن موجب لکيل خط ۾ احتساب عدالت جي جج محمد بشير لکيو آهي ته طبيعت خراب هجڻ سبب ڊيوٽي جا معاملا انجام نٿو ڏئي سگهان ان ڪري منهنجي رٽائرمينٽ تائين موڪل منظور ڪئي وڃي.

ياد رهي ته احتساب عدالت جو جج محمد بشير العزيزيه اسٽيل ملز ۽ بل ميٽل ڪيس ۾ اڳوني وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي سزائون ٻڌايون هيون ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف توشه خانه ڪيس به سندس ئي عدالت ۾ هلي رهيو آهي.

ان کان علاوه جج محمد بشير اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، نوازشريف ۽ يوسف رضا گيلاني جي خلاف توشه خانه ڪيس به ٻڌو. جڏهن ته اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ريفرنس ۽ راجا پرويز اشرف رينٽل پاور ڪيس ۾ جج محمد بشير جي  عدالت ۾ پيش ٿيندا رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔