پاڪ – ايران ڇڪتاڻ سان اليڪشن يا اليڪشن جو شيڊول متاثر نه ٿيندو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پاڪ – ايران ڇڪتاڻ سان اليڪشن يا اليڪشن جو شيڊول متاثر نه ٿيندو، سرحدن تي ڇڪتاڻ باوجود اسان جو سمورو ڌيان 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ تي آهي

 اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي شيڊول موجب ۽ اعلانيل تاريخ تي ئي چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي

ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تياري ۾ مصروف آهي، اهڙي ڪا به تجويز يا آپشن غور هيٺ ناهي ته ڇڪتاڻ سبب اليڪشن جي تاريخ  تي نظرثاني ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔