ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رُپيا واڌ

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به سوين رُپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾في تولو سون تيرنهن سئو رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک پندرنهن هزار رُپين جو ٿي ويو آهي.
عالمي منڊي ۾ في اونس سون 13 ڊالر واڌ کانپوءِ 2025 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سون جي في تولي اگهه ۾ ٻه هزار رُپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔