عوام جي پئسن سان هلندڙ هر ادارو عوام جو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته عوام جي پئسن سان هلندڙ هر ادارو عوام جو آهي.

رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اسلام آباد ۾ هڪ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيو ته عدالتي فيصلن ۽ ڪارروائين جي ڄاڻ عوام تائين پهچندي آهي. ڄاڻ هڪ بهترين هٿيار آهي. عوام تائين ڄاڻ کي پهچائڻ سٺو قدم آهي.

هن چيو ته اسان جي اها مرضي نه هلندي ته اوهان کي ڄاڻ ڏيون يا نه ڏيون. ڄاڻ جو اوهان تائين پهچڻ اوهان جو حق بڻجي چڪو آهي. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته مثبت روشني ڏيکارڻ سان ئي معاشرو تبديل ٿي سگهي ٿو. ڪورٽ رپورٽر عدالتي ڪارروائين جي ڄاڻ عوام تائين پهچڻ جو ذريعو آهي. شهري جي حيثيت سان ڪنهن به ڄاڻ کي حاصل ڪرڻ اوهان جو حق آهي

هن ٻڌايو ته آئين جي شق  19 ۾ آزاد صحافت جو ذڪر آهي. هڪ شهري تفصيل گهريا آهن.  ته اوهان جي عدالت ۾ ڪيترا ملازم آهن؟ شهري کي جواب نه مليو ته اهو ڪميشن هليو ويو. اسان پاڻ ڇو نه عوام کي ٻڌايون ته اسان ڇا ڪري رهيا آهيون.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان پنهنجو احتساب پاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسان عدليه جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي ٽه ماهي رپورٽ پيش ڪري رهيا آهيون. ٽه ماهي رپورٽ ۾ اهم فيصلن جو حوالو ڏنو ويو آهي. ٽه ماهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيترا ڪيس داخل ٿيا ۽ ڪيترن ڪيسن جو فيصلو ٿيو.

هن چيو ته عوام جي پئسن سان هلندڙ هر ادارو عوام جو آهي. عوام جي ٽيڪس سان هلندڙ هر اداري بابت ڄاڻ شهرين کي ملڻ گهرجي. اهم ڪيسز کي لائيو ڏيکاري رهيا آهيون ته جيئن شهري سمجهي سگهن ۽ سوال ڪري سگهن.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڄاڻ سان ئي احتساب جو عمل شروع ٿيندو آهي. هن چيو ته 4 سالن تائين فل ڪورٽ ميٽنگ نه ڪئي وئي. اسان جي ڪوشش آهي ته اسان گهٽ وقت ۾ وڌ کان وڌ ڪيسز ٻڌي اڪلايون. هن ٻڌايو ته اسان پاڻ کي احتساب جي لاءِ اوهان جي سامهون پيش ڪري ڇڏيو آهي. اسان سپريم ڪورٽ جي سامهون وارو حصو عوام جي لاءِ کولي رهيا آهيون.

چيف جسٽس چيو ته صحافين کي دل جو حال ناهي ٻڌايو اميد آهي ته هاڻ مختلف خبرون نه نڪرنديون، صحافي اسان سان اتفاق ڪن يا نه ڪن اهو انهن جو حق آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔