امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي،ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صوبي ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.جسٽس (ر) مقبول باقر امن امان جي خراب صورتحال بابت آءِ جي پوليس ۽ ڊي جي رينجرز کي خط لکي ڇڏيو.هن خط ۾ لکيو ته سنڌ جي وڏن شهرن سميت ٻهراڙين ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، صوبي ۾ ڏوهن ۾ تازو اضافو انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي.نگران وڏي وزير سنڌ کي هدايتون جاري ڪيون ته صوبي ۾ وڌندڙ ڏوهن کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.هن لکيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جهڙا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، اخبارون ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مسلسل سمورن ڏوهن جي نشاندهي ڪري رهيا آهن.جسٽس (ر) مقبول باقر خط ۾ لکيو ته چونڊ اميدوارن تي حملن ۽ اغوا جون وارداتون به ڏينهن جي روشني ۾ ٿيون آهن.هن وڌيڪ لکيو ته سماج ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ انهن ڏوهن ۾ تمام گهڻو متاثر ٿي رهيا آهن.نگران وڏي وزير سنڌ لکيو ته صحافين، وڪيلن، ڊاڪٽرن، واپارين ۽ ٻين پروفيشنل ماڻهن جي جان ۽ مال کي خطرو آهي.هن سوال ڪيو ته صورتحال خراب ٿيڻ باوجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش ڇو آهن؟، جسٽس (ر) مقبول باقر خط ۾ هدايت ڪئي آهي ته آئين ۾ درج شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔