عام چونڊون 2024: ٿرپارڪر ۾ هڪ ئي خاندان جي 7 ڄڻن کي ٽڪيٽ جاري

مٺي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چونڊ سرگرميون جاري آهن جنهن دوران مختلف خاندانن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن. ٿرپارڪر جي ارباب خاندان کي به ٻن پارٽين طرفان 7 ٽڪيٽ جاري ڪيا ويا آهن.

ٿرپارڪر ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ ۽ صوبائي اسيمبلي جي 5 سيٽن تان پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي طرفان ٿرپارڪر جي هڪ ئي خاندان جي 7 اميدوارن کي ٽڪيٽ جاري ڪيا ويا آهن.

گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس(جي ڊي اي) طرفان سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم اين اي 215 تان حصو وٺي رهيو آهي، سندس پٽ ارباب عنايت الله کي پي ايس 48  ڊگهڙي، ضلعي ميرپورخاص مان ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي ۽ ساڳئي خاندان جي ارباب ذڪاءُالله کي پي ايس 55 ڏيپلو مٺي ۽ ارباب انور جبار کي پي ايس 53 ننگرپارڪر ۽ ارباب خان صاحب توڳاڇي کي پي ايس 54 اسلام ڪوٽ تان ٽڪيٽ جاري ڪيا ويا آهن.

پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي ٻن ڀائٽين ارباب امير امان لله کي پي ايس 70 ٽنڊوباگو ضلع بدين ۽ ارباب لطف الله کي پي ايس 55 مٺي ڏيپلو ڪلوئي تي ٽڪيٽ جاري ڪيا ويا آهن.

پ پ اميدوار ارباب لطف الله جي ڊي اي اميدوار، پنهنجي ڀيڻوئي ارباب ذڪاءُالله سان مهاڏو اٽڪائيندو. گڏيل طورتي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس طرفان هڪ ئي خاندان جي 7 ڄڻن کي ٽڪيٽ ڏنا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔