عوامي نيشنل پارٽي کي ڏنڊ، لالٽين جو نشان حوالي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن عوامي نيشنل پارٽي کي لالٽين جو نشان ڏئي ڇڏيو آهي،اليڪشن ڪميشن عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي انٽرا پارٽي چونڊن بابت محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن اي اين پي کي پنهنجو پراڻو چونڊ نشان لالٽين الاٽ ڪري ڇڏيو آهي،عوامي نيشنل پارٽي انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ 6 مهينن جي مهلت گهري هئي،جنهن تي اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اي اين پي جو 5 سالن جو مدو اڃا پورو ناهي ٿيو، ملڪ ۾ چونڊ مهم جاري آهي ۽ سياسي پارٽيون ان ۾ حصو وٺي رهيون آهن، ان ڪري اي اين پي 10 مئي تائين انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائي،اليڪشن ڪميشن عوامي نيشنل پارٽي تي 20 هزار رپيا ڏنڊ به لڳايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔