اسرائيل جي حمايت ڪرڻ تي ڏکڻ آفريڪا جو ڪپتان فارغ

ڪيپ ٽائون :ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ پنهنجي ٽيم جي ڪپتان ڊيوڊ ٽيگر کي اسرائيل جي حمايت سبب ڪپتاني تان هٽائي ڇڏيو آهي.ڊيوڊ ٽئگر کي آڪٽوبر ۾ جيوش اچيور ايوارڊز ۾ رائزنگ اسٽار قرار ڏنو ويو هو، جنهن کانپوءِ ڪرڪيٽر پنهنجو ايوارڊ اسرائيل ۾ يهودي سپاهين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻ اسرائيلي فوجين جي حمايت ۾ ٽوئيٽ ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ آفريڪن بورڊ ان خلاف ڪارروائي ڪئي. ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريڪا (سي ايس اي) سرڪاري طور تي جمعه تي ٽئگور جي برطرفي جو اعلان ڪيو، ممڪن احتجاج ۽ ٽورنامنٽ جي خطرن بابت خدشات جو حوالو ڏنو،اهو فيصلو غزه ۾ اسرائيل جي قدمن تي احتجاج دوران ڪيو ويو، هو رانديگر طور ٽيم ۾ رهندو جڏهن ته انڊر 19 ڪپتان جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو،پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ آفريڪا ۾ 19 جنوري کان شروع ٿيندڙ انڊر 19 ورلڊ ڪپ دوران احتجاج جو به امڪان آهي،ان کان علاوه ڏکڻ آفريڪا به فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت تي انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن تي ملڪ جي وزيراعظم شروعاتي ٻڌڻي کي فخر جوڳو قرار ڏنو آهي،واضح رهي ته انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 19 جنوري کان ڏکڻ آفريڪا ۾ کيڏيو ويندو، پاڪستان انڊر 19 ٽيم گذريل رات ڏکڻ آفريڪا روانو ٿي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔