پي ٽي آءِ چونڊ نشان جي حقدار، سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو حڪم

پشاور :پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس ارشد علي جو لکيل مختصر لکيل فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سرٽيفڪيٽ ويب سائيٽ تي شايع ڪيو وڃي.پشاور هاءِ ڪورٽ لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ به چونڊ نشان جي حقدار آهي، تفصيلي فيصلو تفصيلي سبب ۽ وضاحت بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته عدالت پاڻ کي 2 سوالن تائين محدود ڪري ڇڏيو، سياسي پارٽي ٺاهڻ پاڪستان جي هر شهري جو بنيادي حق آهي، سياسي پارٽين کي سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي.پشاور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ڪنهن کي به چونڊ نشان تي چونڊ وڙهڻ جو حق آهي، چونڊ نشان جي آئيني حق کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غير قانوني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔