پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان ملندو يا نه؟ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻِي

تحريڪ انصاف کي بيٽ جو چونڊ نشان ملندو يا نه؟ سپريم ڪورٽ ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻيءَ ۾ وقفو ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ جي وڪيل حامد خان چيو ته اسان کي ڪو به نوٽيس نه مليو آهي، ٻڌڻي سومر تي رکي وڃي

 اليڪشن ڪميشن جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته سڀاڻي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ٿيڻا آهن

 چيف جسٽس چيو ته سومر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪرڻو پوندو، اسان ته ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن به ٻڌڻي  ڪرڻ لاءِ تيار آهيون

 حامد خان چيو ته ان صورت ۾ تياري لاءِ اسان کي سڀاڻي تائين جو وقت ڏيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي پارٽي چونڊن ۾ سڀني جو بنا مقابلي چونڊجڻ عجيب ڳالهه آهي، سياست ۾ ته مقابلا ٿيندا آهن، ماڻهو ٽڪيٽ لاءِ جهيڙا ڪندا آهن

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته ڪنهن به عهدي تي ڪو به مقابلو نه ٿيو

چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازي کي مخاطب ٿي چيو ته سڀني جو بنا مقابلي چونڊجڻ عجيب اتفاق نه آهي؟

نياز الله نيازي چيو ته سمورا عهديدار بنا مقابلي چونڊيا ويا آهن، چيف جسٽس چيو ته هنن جي اليڪشن ۾ چئني صوبن جي اليڪشن ڪميشنز جو ذڪر آهي، پر چونڊن جي نتيجن تي رڳو چيف اليڪشن ڪمشنر جون صحيحون ٿيل آهن، عدالت ٻڌڻي منجهند ڏيڍ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔