آئي ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ برآمدات ۾ نمايان اضافو

اسلام آباد: مختصر مدت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آئي ٽي) ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ پاڪستان جي برآمدات ۾ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي اوليت ڏني پئي وڃي ۽ عالمي معيشت ۽ ڪاروبار ۾ ڊجيٽل معيشت جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي،هن چيو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ نگران حڪومت آءِ ٽي واري وزارت ۾ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن جنهن سان هن شعبي جي برآمدات ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي،هن چيو ته هر سال هڪ لک ماڻهن کي ان شعبي ۾ شامل ڪيو ويندو، نوجوانن کي روزگار ملندو،آءِ ٽي شعبي کي درپيش چيلنجز جي حوالي سان عمر سيف چيو ته آءِ ٽي شعبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسان کي سڌارا آڻڻا پوندا ۽ جديد طريقا متعارف ڪرائڻا پوندا، اسان کي نوان ماڻهو آڻڻا پوندا ۽ نظام ۾ سڌارا آڻڻا پوندا،ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به شعبي ۾ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پاليسين جو تسلسل تمام ضروري آهي ۽ ايندڙ حڪومت کي به ان حوالي سان اهم قدم کڻڻا پوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔