آمريڪا ۽ برطانيا يمن ۾ حوثين خلاف نئون محاذ کولي ڇڏيو

آمريڪا ۽ برطانيا يمن ۾ حوثين خلاف نئون محاذ کولي ڇڏيو آهي

امريڪا ۽ برطانيا جي جهازن حوثي باغين جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي آهي

يمن جو گادي وارو شهر صنعا به ڌماڪن سان گونجي اٿيو، امريڪا ۽ برطانيا جي هوائي حملن بعد يمن جي باغي اڳواڻ عبدالمالڪ بدرالدين الحوثي به جوابي حملن جو اعلان ڪري ڇڏيو

عبدالمالڪ چيو آهي ته دشمن کي ميزائلن ۽ ڊرونز جو نشانو بڻائينداسين، عرب ميڊيا موجب آمريڪا ۽ برطانيا پاران ويڙهاڪ جهازن، سامونڊي جهازن ۽ آبدوز جي مدد سان يمن جي گادي واري شهر صنعا، حديده ۽ سعده ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي بمباري ڪئي وئي

حملن دوران ٽام هاڪ ميزائلن جو به استعمال ڪيو ويو، امريڪي صدر جوبائڊن چيو آهي ته حملا ڳاڙهي سمنڊ ۾ بين الاقوامي جهازن تي حوثي باغين جي حملن جو جواب آهن

برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ جو چوڻ آهي ته حوثي باغين کي جهازن تي حملن کان روڪڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو ويو هو، اهڙي صورتحال برداشت نه ٿي ڪري سگهجي

سعودي عرب امريڪي ۽ برطانوي حملن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔