عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ هڪ نئون ٺهراءُ پيش ڪيو ويو آهي
آزاد پارلياماني گروپ جي سينيٽر هدايت الله سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو
ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي چئلينجز سبب 3 مهينن لاءِ عام چونڊون ملتوي ڪيون وڃن
چونڊ مهم دوران اميدوارن تي قاتلاڻن حملن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪري ٿي ته چونڊون ملتوي ڪرڻ واري بابت همدرداڻو غور ڪيو وڃي