شهريار آفريدي سميت ڪيترن ئي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت

اسلام آباد: عام چونڊن لاءِ ريٽرننگ آفيسرن طرفان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اميدوارن جي اپيلن تي اليڪشن ٽربيونلز ۾ ٻڌڻيون جاري آهن.

ايپليٽ ٽربيونل لاهور هاءِ ڪورٽ ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي اين اي 117 سيالڪوٽ تان عثمان ڊار جي والده ريحانه ڊار جي اپيل منظور ڪري ورتي

پي ٽي آءِ اميدوار رانا جميل حسن، قصور جي صوبائي تڪ تان پي ٽي آءِ جي ناصره ميو، اين اي 131 تان مقصود احمد جون اپيلون به منظور ڪيون ويون آهن.

ان کان علاوه اليڪشن ٽربيونلز پي ٽي آءِ جي عبدلسلام آفريدي، شاندانه گلزار ۽ شهريار آفريدي جون اپيلون به منظور ڪندي انهن جي نامزدگي ڪاغذن کي صحيح قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل تان اين اين 236 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي نامزدگي ڪاغذن خلاف ايم ڪيو ايم اڳواڻ حسان صابر جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کان بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺي ڇڏيو آهي. جسٽس عدنان اقبال چوڌري ريمارڪس ڏنا ته اسان کي اهو قانون ٻڌايو وڃي جنهن ۾ نامزدگي ڪاغذن جو تعلق چونڊ نشان سان هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔