پرڏيهه مان ڪراچي پهتل 2  شهرين کي ڪووڊ جو نئون وائرس جي اين ون هئڻ جي تصديق

پرڏيهه مان ڪراچي پهتل 6 پاڪستاني شهرين مان 2 ڄڻن کي ڪووڊ جو نئون وائرس جي اين ون هئڻ جي تصديق، پرڏيهه مان پهتل 3 شهرين کي ڪووڊ نائنٽين وائرس هئڻ جي به تصديق ڪئي وئي آهي

 سنڌ جي صحت کاتي پاران ڪووڊ جي نئين لهر جي اين ون جي جاچ لاءِ اماڻيل 6 مسافرن مان ٻن ڄڻن جي رپورٽ پازيٽو آئي، هڪ ڄڻو بينڪاڪ ۽ ٻيو ابوظهبي کان ڪراچي پهتو هو

صحت کاتي موجب 26 سالن جي متاثر هڪ مسافر جو تعلق بلوچستان جي علائقي ڪيچ سان آهي،  53 ورهين جي ٻئي متاثر شخص جو اصل ڳوٺ سانگهڙ آهي، متاثر مريض حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ رهائش پذير آهي

 صحت کاتي جي ترجمان موجب شارجه ۽ ابو ظهبي مان پهتل وڌيڪ 3 ڄڻن کي ڪووڊ نائنٽين هئڻ جي تصديق ٿي، جده کان ڪراچي پهتل ڊي جي خان جي رهواسي 60 ورهين جي  مسافر  جي رپورٽ نيگيٽو آئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔