190 ملين پائونڊ ڪيس: شهزاد اڪبر، فرح گوگي ۽ ذوالفي بخاري جا اثاثا منجمد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد جي احتساب عدالت شهزاد اڪبر، ذوالفي بخاري ۽ فرح گوگي جا بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهزاد اڪبر، ذوالفي بخاري ۽ فرح گوگي جا اثاثا ۽ بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ 6 جوابدارن جا اثاثا ۽ بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. احتساب عدالت جوابدارن جا نالا رجسٽرڊ گاڏيون به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته  عدالت اشتهاري قرار ڏيڻ کان پوءِ سمورن جوابدارن جا دائمي  گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔