خيبرپختونخواهه ۾ سخت سيءَ جي لهر برقرار، 2 استاد ڊيوٽي دوران فوت

پشاور:خيبرپختونخواهه ۾ موسم جي شدت خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي جنهن سبب 2 استاد ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويا آهن.

مردان ۽ ڊيرا اسماعيل خان جي علائقن ۾ سخت ٿڌ جي لهر سبب 2 استاد فوت ٿيڻ کان علاوه ڪيترائي شهري بيمار ٿي پيا آهن. صوبي جي ڪيترن ئي ميداني علائقن ۾ ٿڌ جي لهر  ۾ شدت اچي رهي آهي جڏهن ته گادي واري شهر پشاور ۾ ٿڌ ۾ واڌ ۽ ڪوهيڙي سبب معمول جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب هلندڙ هفتي موسم جي شدت وڌيڪ وڌندي. پشاور ۾ اڄ صبح 5 وڳي رڪارڊ ڪيل گرمي پد هڪ ڊگري سينٽي گريڊ رهيو جڏهن ته هلندڙ هفتي دوران برسات جو ڪوبه امڪان نظر نه پيو اچي. پشاور سميت صوبي جي ميداني علائقن جي تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ سخت سيءَ ۾ به ٻارن اسڪول وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

صوبي جي ميداني علائقن ۾ صوبائي حڪومت طرفان پرائمري اسڪول بند رکڻ جي باوجود خانگي تعليمي ادارن جا پرائمري اسڪول جا ٻار اسڪول وڃي رهيا آهن. ان حوالي سان پرائيويٽ اسڪول ريگوليٽري اٿارٽي ضروري قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهي. سخت سيءَ ۾ اسڪول ويندڙ ڪيترائي ٻار بيمار ٿي پيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔