پي ٽي آءِ باني پنهنجو ڪيتو ڀوڳي پيو، عمران کي توبه ڪرڻ گهرجي: بلاول

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني بي ڏوهي آهي ته کيس جيل ۾ نه هُجڻ گهرجي، هو پنهنجو ڪيتو ڀوڳي رهيو آهي، سڀ کان پهريان عمران خان کي توبه ڪرڻ گهرجي

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته اڄ اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ريفرنس جي ٻڌڻي تي پهتا آهيون، اسان سمجهون ٿا ته تاريخ تي لڳل ڪارو داغ ختم يا درست ڪري سگهجي ٿو

بلاول چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪلپ هلائي وئي، آمريت ۾ آمر جي هڪ ڪيس ۾ دلڇسپي هئي، ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس جو جهڙي ريت فيصلو ڪرايو ويو، تاريخ اُن جي شاهد آهي، اميد آهي ته 13 سالن بعد هن ڪيس ۾ پيپلز پارٽي کي رليف ملندو

بلاول گذريل هفتي سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ٺهراءُ تي رد عمل ڏيندي چيو ته عوام ووٽ ڏيڻ جي تياري ڪري، ڀلي گڏيل قومن مان به ٺهراءُ پاس ڪرائين، چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون

بلاول چيو ته پي ٽي آءِ باني چوندو هو ته 200 چورن کي سرعام لٽڪائي ڇڏيو، ملڪ سڌري ويندو،منهنجو کائنس سوال آهي ته ڇا هو اڄ به پنهنجي موقف تي قائم آهي

پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ اقتدار ۾ اچي وئي ته ملڪ تي فاشٽ نظام لاڳو ٿي ويندو ۽ پوءِ جيڪو ٿيندو، اُهو سڀ چاڻين ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔