جعلي اڪائونٽس ڪيس: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري

ڪراچي:بينڪنگ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خلاف جعلي بينڪ اڪائوٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو

فاروق نائيڪ عدالت کي ٻڌايو ته جن جوابدارن کي نوٽيس مليا هئا اهي اڄ عدالت ۾ پيش ٿيا آهن پر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس نه مليا آهن.

عدالت فاروق نائيڪ جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻين جوابدارن کي 19 فيبروري تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

ياد رهي ته گذريل سال آگسٽ ۾ جلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس اسلام آباد کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو. ان کان اڳ اهو ڪيس نومبر 2019 ۾ ڪراچي مان نيب ڪورٽ اسلام آباد منتقل ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔