سپريم ڪورٽ بيٽ جي نشان جو ڪيس 10 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف کان بيٽ جي نشان لاءِ داخل ڪيل درخواست 10 جنوري تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ ليول پليئنگ فيلڊ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ حامد خان کي عدالت طلب ڪيو جنهن تي هو روسٽرم تي اچي ويو

چيف جسٽس حامد خان پڇيو ته ڇا اهان جي درخواست سڀاڻي مقرر ڪريون؟ جنهن تي حامد خان استدعا ڪئي ته اڄ ئي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪريو.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اڄ 9 ميمبرن تي ٻڌل بينچ به آهي ۽ هڪ خصوصي بينچ به آهي. حامد خان چيو ته اسان جي ترجيح اڄ آهي، ٻئي صورت ۾ 10 تاريخ تي ٻڌڻي رکو.

چيف جسس پڇيو ته اوهان فيصلي جي خلاف آيا آهيو يا 3/184 جي درخواست آهي؟ حامد خان چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي خلاف 3/185 ۾ سپريم ڪورٽ آيا آهيون.

چيف جسٽس چيو ته بس پوءِ معاملو ججز ڪميٽي وٽ ناهي وڃڻو ته 10 تاريخ تي ڪيس مقرر ڪريون ٿا. جنهن کان پوءِ عدالت بيٽ جي نشان جي ڪيس کي 10 جنوري تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔