سچيتا ستيش هڪ ئي وقت 140 ٻولين ۾ ڳائي ورلڊ رڪارڊ جوڙي ورتو

ممبئي: ڀارتي گلوڪارا هڪ ئي وقت 140 ٻولين ۾ ڳائي گنيز ورلڊ رڪارڊز جي ڪتاب ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرائي ورتو

پرڏيهي ميڊيا موجب سچيتا ستيش نومبر ۾دبئي ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ٿيندڙ ڪنسرٽ ۾ 9 ڪلاڪن ۾ 140 ٻولين ۾ پرفارم ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

سچيتا ستيش انسٽاگرام تي پنهنجي پوسٽ ذريعي ٻڌايو ته کيس گھڻي خوشي ٿي رهي آهي ته خدا جي فضل سان هن کي 24 نومبر تي موسمياتي تبديلي جي لحاظ سان پنهنجي ڪنسرٽ دوران 9 ڪلاڪن ۾ 140 ٻولين ۾ ڳائي نئون گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو آهي

گنيز ورلڊ رڪارڊز جي اختيارين به سچيتا ستيش جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.140 ٻولين جي چونڊ انهن 140 ملڪن جي ٻولين جي نمائندگي لاءِ ڪئي وئي جن دبئي ۾ موسمياتي تبديلي جي COP 28 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔