5 جنوري تي استعيفيٰ اماڻيو، چيف اليڪشن ڪمشنر مون کي آرام جو مشورو ڏنو: سيڪريٽري اي سي پي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سيڪريٽري عمر حميد چيو آهي ته 5 جنوري تي استعيفيٰ اماڻيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي مون کي آرام جو مشورو  ڏنو.

نجي چينل جي سينئر صحافي سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪندي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته مون کي ڊاڪٽرن معمول موجب ڪم ڪرڻ جي بجاءِ علاج  دوران آرام جو مشورو ڏنو آهي. 5 جنوري تي مون اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڏانهن پنهنجو استعيفيٰ اماڻيو پر چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا منهنجي استعيفيٰ منظور نه ڪئي ۽ علاج دوران گهر تي ڊاڪٽرن جي هدايت موجب آرام  ڪرڻ جو مشورو ڏنو.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته مون کي چيسٽ انفيڪشن جي شڪايت آهي  جنهن جي ڪري بليو ايريا جي هڪ مشهور اسپتال ۾ علاج هيٺ آهيان.  ياد رهي ته وفاقي سيڪريٽري عمر حميد اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري مقرر ٿيڻ کان اڳ وفاقي سيڪريٽري نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ جون ذميواريون انجام ڏيندو رهيو. هن ڪيبينيٽ ڊويزن ۽ ناڻي واري وزارت ۾ به ذميواريون ادا ڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔