بنگلاديش ۾ عام چونڊون:شيخ حسينه واجد پنجون ڀيرو وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

ڍاڪا: بنگلاديش جي عام چونڊن ۾ هڪ دفعو ٻيهر شيخ حسينه واجد جي پارٽي وڏي پيماني تي ڪاميابي حاصل ڪري حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش جي عام چونڊن ۾ اپوزيشن پارٽين بائيڪاٽ ڪيو جنهن کان پوءِ شيخ حسينه واجد جي پارٽي عوامي ليگ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. عوامي ليگ جي چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ شيخ حسينه واجد جا پنجون ڀيرو بنگلاديش جا وزيراعظم بنجڻ جا امڪان روشن ٿي ويا آهن

ميڊيا رپورٽن موجب شيخ حسينه واجد جي پارٽي عوامي ليگ  چونڊن ۾ 222 سيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته چونڊن ۾ ڪنهن ٻئي سياسي پارٽي جي بجاءِ آزاد اميدوارن وڏي پيماني تي ڪاميابي ماڻي آهي ۽ انهن 63 سيٽون حاصل ڪيون.

بنگلاديش جي اليڪشن ڪميشن موجب هن وقت ملڪ جي موجوده اپوزيشن پارٽي جاتيه پارٽي 300 جي ايوان مان صرف 11 سيٽون ئي حاصل ڪري سگهي.

ميڊيا رپورٽن موجب آزاد اميدوار جي طور تي ڪامياب ٿيندڙ ڪيترائي اميدوار اهڙا آهن جنهن کي عوامي ليگ ٽڪيٽن جي لاءِ چونڊ نه ڪيو هو پر انهن کي هڪ اميدوار جي طور تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

ياد رهي ته 76 سالن جي شيخ حسينه واجد 2009 کان بنگلاديش جي وزيراعظم آهي جڏهن ته هن چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندڙ پارٽين کي دهشتگرد پارٽيون قرار ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔