نگران حڪومت تي داغ لڳڻ واري ڳالهه مناسب ناهي: انوار الحق ڪاڪڙ

ڪوئيٽا: نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿينديون، چونڊون اليڪشن ڪميشن کي ڪرائڻيون آهن

ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت تي داغ لڳڻ واري ڳالهه مناسب ناهي

هن چيو ته سياسي پارٽيز جو بيانيو سچ ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ غلط به ٿي سگهي ٿو، فيصلو عوام کي ڪرڻ ڏيو

نگران وزير اعظم چيو ته جن کي ليول پليئنگ ملي، اُهو ڪهڙو داغ کڻي ويا

بلوچستان ۾ ڌانڌلي بابت سوال تي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته بلوچستان جي هر تڪ تي مضبوط اميدوار واضح آهن، ڪا اهڙي شئي نه ٿيندي جو نئين پارٽي ٺهي وڃي ۽ 25 کان 30 سيٽون کڻي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔