2023 ملڪي معيشت لاءِ سٺو نه رهيو: واپاري برادري ايندڙ سال کي بهتر قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: سال 2023 ملڪ جي معيشت لاءِ سٺو نه رهيو. ڊالر، بجلي، گيس ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافي عام ماڻهو ۽ ڪاروباري واپاري برادري جا هوش اڏائي ڇڏيا.  هاڻ سال جي آخر ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾  رڪارڊ تيزي ۽ پيٽروليم شين ۽ ڊالر جي قيمتن ۾ لاٿ کان پوءِ ڪاروباري برادري سال 2024 کي بهتر سال قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

2023 جي دوران مهانگائي عروج تي رهي. بجلي ۽ گيس جون قيمتون وڌڻ سان پيداواري لاڳت به وڌي وئي. 22 سيڪڙو وياج جي شرح ڊالر جي قيمت 300 جي لڳ ڀڳ رهڻ کان علاوه ايل سيز به نه کلڻ سبب ڪاروبار ٻڏتر جو شڪار رهيو

ڪاروباري طبقي جو چوڻ آهي ته سال جي مختلف حصن ۾ ان جي لاءِ ڪاروبار  ڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو جو رڪارڊ مهانگائي سبب شين جو وڪرو ٺپ ٿي ويو هو.

نگران حڪومت ۽ پاڪ فوج جي قدمن سان ڊالر جي اسمگلنگ رڪي ۽ پيٽرليم شين جون قيمتون گهٽ ٿيون ته حالتون سازگار ٿيڻ شروع ٿي ويون. اهڙين حالتن ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به نوان رڪارڊ قائم ٿيڻ لڳا. لاهور چيمبر جي نائب صدر عدنان بٽ اهڙي صورتحال کي خوشي جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته 2024 ۾ وڌيڪ بهتري جو امڪان آهي.

صنعتڪارن ۽  واپارين چيو آهي ته 8 فيبروري جي عام چونڊن کان پوءِ ٺهندڙ نئين حڪومت ۾ به جيڪڏهن موجوده پاليسي جو تسلسل جاري رهيو ته يقينن معيشت استحڪام طرف گامزن رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔