ڪير امير المومنين بڻجڻ چاهي ٿو ته ڪير ٽائيگر فورس سان ملڪ هلائڻ چاهي ٿو: بلاول

لاهور: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪير امير المومنين بڻجڻ چاهي ٿو ته ڪير ٽائيگر فورس سان ملڪ هلائڻ چاهي ٿو، فيصلو عوام کي ڪرڻ ڏيو ته اُهي ڪهڙو پاڪستان چاهين ٿا

هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته روايتي سياست کي دفن ڪيو ۽ پاڪستان کي نئين رُخ ڏانهن وٺي وڃجي

لاهور هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب دوران بلاول ڀٽو  زرداري چيو ته اڄ ٻيهر ملڪ ۾ انتقام ۽ ورڇ جي سياست نظر اچي رهي آهي

بلاول چيو ته انتقام ۽ ورهاڱي جي سياست باني پي ٽي آءِ واپس کڻي آيو، جيڪڏهن اسان جا پراڻا سياستدان پراڻن طريقن سان پاڻ ۾ وڙهندا رهندا ته پوءِ ملڪي مسئلن جو حل نه ڪڍي سگهندا، پراڻي سياست ٿيندي ته پوءِ ڪير به وزير اعظم ٿئي ملڪ نه هلائي سگهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔