حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو اعلان

اسلام آباد :حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب پيٽرول 14 رپيا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 13 رپيا 50 پئسا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 10 رپيا 14 پئسا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 11 رپيا 29 پئسا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔