ايشوريا ۽ اڀيشيڪ ۾ وڇوٽيون وڌي ويون، اداڪارا گهر ڇڏي هلي وئي

ممبئي: ڀارتي اداڪارا ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن جي طلاق جا افواهه وري تيز ٿي ويا ۽ هاڻي ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايشوريا بچن هائوس ڇڏي ڏنو آهي.
بالي ووڊ جي جوڙي وچ ۾ عليحدگي جون خبرون ڪافي عرصي کان گردش ڪري رهيون آهن ۽ تازو ئي اميتاڀ بچن پنهنجي ننهن کي سوشل ميڊيا تان ان فالو به ڪيو آهي.
ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ کي ڊگھي عرصي بعد عوامي تقريب ۾ گڏ ڏسڻ کان پوءِ ٻنهي وچ ۾ طلاق جا افواهه گھٽ ٿيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔