اي پي ايس سانحي کي 9 سال مڪمل، شهيدن جي وارثن جا زخم ٻيهراٿلي پيا

اي پي ايس سانحي کي 9 سال مڪمل ٿيڻ تي شهيدن جي وارثن جا زخم ٻيهر اٿلي پيا، 16 ڊسمبر 2014 تي دهشتگردن پاران پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ 132 شاگرد شهيد ٿيا هئا

 حملي ۾ استادن سميت اسڪول جي عملي جي 17 ڄڻن کي به شهيد ڪيو ويو هو، مختلف شهرن ۾ شهيدن جي ياد ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون، مشعل ٻاري شهيد ٻارن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

 اي پي ايس سانحي جي شهيدن جي نائين ورسي جي موقعي تي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اڄ به اهو سانحو ياد ڪري اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون، 9 سال اڳ دهشتگردن اسڪول تي بزدلاڻو حملو ڪيو هو

 اي پي ايس سانحي دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه واري قوم جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، سموري قوم دهشتگرديءَ خلاف متحد آهي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اي پي ايس سانحي جي معصوم شهيدن جو رت رائگان ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي

بلاول ڀٽو زرداري به پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان شهيدن ۽ هن سانحي کي ڪڏهن به نه وسارينداسين، شهيدن جي وارثن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، اسان کي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف ويڙهه کٽڻي آهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اها جنگ اسان کٽنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔