سپريم ڪورٽ جي فيصلن مان مطمئن نه آهيون، خدشا موجود آهن: پي ٽي آءِ چيئرمين

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان مطمئن نه آهيون، فيصلي تي اسان جا خدشا موجود آهن. آر اوز جو هجڻ فيئر چونڊن جي عڪاسي نٿو ڪري.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا  پر اسان هن فيصلي مان مطمئن نه آهيون، پي ٽي آءِ چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪندي پر اسان جي سپريم ڪورٽ کان استدعا آهي ته اسان جي درخواستن کي به ٻڌو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته ڊي آر اوز ۽ آر اوز صاف شفاف چونڊون ڪرائين پر جن ڊي سيز ايم پي اوز جا آرڊر ڪيا ويا اهي ڪيئن صاف شفاف چونڊون ڪرائيندا. سپريم ڪورٽ عمير نيازي کي نوٽيس جاري ڪيو آهي. توهين عدالت جا نوٽيس جاري ٿيندا ته ڪوبه صاف شفاف چونڊن لاءِ عدالت نه ويندو.

بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جو ٽرائيل جيل ۾ ڪرايو پيو وڃي ته جيئن دٻاءُ وڌي ۽ سمجهوتو ٿئي پر عمران خان سمجهوتو نه ڪندو. صاف شفاف چونڊون ڪرائڻيون آهن ته حڪومتي نمائندن جي آر اوز ۽ ڊي آر اوز جو چونڊن ۾ ڪردار نه هجڻ گهرجي. سمورا ريٽرننگ آفيسر عدليه مان هجڻ گهرجن.

هڪ سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ ڪڏهن به چونڊن ۾ دير جي ڪوشش  نه ڪئي آهي پر اهي ماڻهو جنهن هڪ  پارٽي کي نشانو بنايو انهن کان فري اينڊ فيئر چونڊن جي اميد نه آهي. بيرسٽر گوهر  چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جيڪا ڪوشش ڪري رهي آهي ته جمهوريت ڊي ريل نه ٿئي، هر پارٽي جو حق آهي ته اها عدالت جي سامهون پنهنجا خدشا رکي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔