توشه خانه ڪيس: احتساب عدالت پي ٽي آءِ باني جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ واري استدعا کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: احتساب عدالت توشه خانه ڪيس ۾ نيب طرفان اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا کي رد ڪري ڇڏيو. احتساب  عدالت اسلام آباد جي جج محمد بشير اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي.

اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي اڄ ٻيهر احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي نيب جي ٽيم جسماني ريمانڊ دوران ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ عدالت کي آگاهه ڪيو.

ٻڌڻي دوران  نيب طرفان پي ٽي آءِ باني جي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي. عدالت نيب طرفان جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين کي 14 ڏينهن جي لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. ياد رهي ته گذريل ٻڌڻي تي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم جو ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو هو.

راولپنڊي ۾ اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ چونڊن ۾ دير نٿا  چاهيون اسان جي استدعا آهي ته چونڊون شفاف ٿين. هن چيو ته ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ اسان جو ڪوبه وڪيل پيش نه ٿيو. شفاف چونڊن لاءِ آر اوز جو هجڻ شفاف چونڊن جي عڪاسي نٿو ڪري. پي ٽي آءِ کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري نٿو سگهجي. اسان جي پٽيشن هئي ته ريٽرننگ آفيسرن کي عدليه مان ورتو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔