ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو مختلف علائقن ۾ آپريشن، 23 فوجي جوان شهيد، 27 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز جي ڊيره اسماعيل خان ۾ مختلف ڪاررواين دوران 27 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته ان دوران پاڪ فوج جا 23 جوان به شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب ڊيره اسماعيل خان ۾ 11 ۽ ڊسمبر جي رات دير سان  دهشتگردن جون سرگرميون ڏسڻ ۾ آيون جنهن تي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درازنده ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران 17 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب اڄ صبح 6 دهشتگردن دارابن ۾ سيڪيورٽي فورس جي پوسٽ تي حملو ڪيو جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز چوڪي تي دهشتگردن جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي پر ان دوران دهشتگردن  بارودي مواد سان ڀريل گاڏي کي چوڪي سان ٽڪرائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ڌماڪن سبب عمارت ڪري پئي  جنهن سبب ڪيتريون ئي  فوتگيون ٿيون

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي حملي دوران علائقي ۾ موجود سمورا 6 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ان دوران 23 بهادر سپاهي به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب درازنده جي علائقي ۾ آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڪلاچي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي ڳوليو ويو جنهن دوران ڇتي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 بهادر جوان شهيد ٿي ويا. جڏهن ته 4 دهشتگرد پڻ مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن ۽ فورسز ۾ ويڙهه دوران گڏيل طور تي 23 جوان شهيد ۽ 27 دهشتگرد مارجي ويا آهن. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا ۽ مارجي ويل دهشتگرد معصوم شهرين جي قتل ۾ به سرگرم هئا. ڪارروائين دوران هٿيار، بارودي  مواد ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ موجود دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيا پيا وڃن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. اسان جي بهادر سپاهين جون  اهڙيون قربانيون اسان جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔