ميڊيا ۾ دهشتگردن جي حمايتي آواز کي چٿڻو آهي: سرفراز بگٽي

اسلام آباد : نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته اسان کي پارليامينٽ ۽ ميڊيا ۾ دهشتگردن جي حمايتي آواز کي چٿڻو پوندو.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته سازشي عنصرن هميشه ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، دهشتگردي جي نالي تي پاڪستان تي جنگ مڙهي وئي ۽ ملڪ خلاف انٽيليجنس سول ويڙهه شروع ڪئي وئي.

هن چيو ته پاڪستان کي نسلي تعصب کان ٻاهر ڪڍڻو پوندو، دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن، ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو آندو ويندو.

نگران گهرو وزير چيو ته اسان کي مونجهارو ختم ڪرڻو آهي، ادارن کي غير سياسي ٿيڻو آهي، جڏهن ته پارليامينٽ ۽ ميڊيا ۾ دهشتگردن جي حمايت ڪندڙ آواز کي دٻائڻو آهي، اسان سڀني کي اها جنگ وڙهڻي آهي، سڀاڻي ائين نه ٿئي جو سي ٽي ڊي خلاف پرچا ڪٽرايا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔