ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس جيان ڇا اسان به نوازشريف کي انصاف ڏيارڻ لاءِ 45 سال انتظار ڪريون؛ جاويد لطيف

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته اڄ خوشي آهي ته 45 سالن کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو ڪيس ٻڌو پيو وڃي. پر ڇا ان وقت جيڪا ناانصافي ٿي ان جي تلافي هاڻ ٿي سگهي ٿي؟ ڇا اسان به نوازشريف کي انصاف ڏيارڻ لاءِ 45 سال انتظار ڪريون.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي جاويد لطيف چيو ته اسان کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ 5 منٽ دير ٿيندي آهي ته ضمانت رد ٿي ويندي آهي پر لاڏلي جي لاءِ صبح 9 وڳي عدالت لڳندي هئي، رات جو 8 وڳي لاڏلو چوندو هو ته منهنجو حاضر ٿيڻ جو موڊ ناهي، جيڪي آئين ۽ قانون جون ڳالهيون ڪندا هئا انهن تي به غداري جا ڪيس داخل ٿيل هئا

هن چيو ته اڄ خوشي آهي ته 45 سالن کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو ڪيس ٻڌو پيو وڃي. ڇا ان وقت جيڪا ناانصافي ٿي انهي جي اڄ تلافي ٿي سگهي ٿي. نوازشريف کي هر ڀيري سزا ملندي رهي، جڏهن ته 2017 ۾ انصاف جو قتل ٿيو. ڇا هاڻ به اسان نوازشريف کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ 45 سال انتظار ڪريو. جنهن پاڪستان جي معيشت کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچايو ان کي اڄ به جيل ۾ پڪل  ديسي ڪڪڙيون ملي رهيون آهن. ليگي اڳواڻ چيو ته جيڪو 190 ملين پائونڊ کائي وڃي ڇا اهو صادق  ۽ امين هوندو؟ جيڪو ملڪ جي ماحول کي خراب ڪري ان کي جيل ۾ به 10 ڪمرن تي ٻڌل سهولتون ڏنيون پيون وڃن

ان موقعي تي ليگي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته منهنجي مٿان پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين دهشتگردي جو ڪيس ٺاهيو، اسان جي مٿان هي ڪيس ٺاهيندا رهيا ۽ پاڻ 9 مئي تي رياست تي حملو ڪيو. ٻين تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ پاڻ 9 مئي جو ڏوهاري آهي. پي ٽي آءِ جو باني 9 مئي واقعن جو ماسٽر مائينڊ آهي.

اڳوڻي وزير چيو ته 190 ملين پائونڊ قومي ناڻي ۾ آيا هئا.  عدالت جي اڪائونٽ ۾ نه آيا آهن. پي ٽي آءِ باني چيئرمين جي گهر واري هيرا ۽ سونا زيور ميڙيندي رهي. هاڻ هي چون ٿا ته نوازشريف 9 مئي جو واقعو ڪرايو. ڇا نوازشريف پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هدايتون ڏيندو هو.؟

مريم اورنگزيب  دعويٰ ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ کي اڄ به پرڏيهي فنڊنگ ملي رهي آهي جڏهن ته عوام بيروزگاري کي منهن ڏئي رهي آهي هاڻ عوام پريشان نه ٿئي ملڪ هڪ دفعو ٻيهر ترقي جون منزلون طئي ڪندو. عوام 8 فيبروري تي نوازشريف کي ٻيهر وزيراعظم بنائيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔