پارٽي جو نئون چيئرمين توشه خانه ڪيس ۾ نااهلي ختم ٿيڻ تائين چونڊ ڪيو آهي: علي ظفر

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته توشه خانه ڪيس ۾ باني چيئرمين جي نااهلي ختم ٿيڻ تائين نئپن چيئرمين کي چونڊ ڪيو آهي. باني چيئرمين نااهلي ختم ٿيڻ تي عام چونڊن ۾ به حصو وٺي سگهي ٿو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته نااهلي جو نوٽيفڪيشن غير آئيني آهي. جيڪڏهن باني چيئرمين کي چونڊن کان اڳ روڪيو ويو ته اهڙي عمل کي اسان چئلينج ڪنداسين. هن چيو ته انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو اليڪشن ڪميشن جو حڪم غير آئيني ۽ غيرقانوني هو.

هڪ سوال تي سينيٽر علي ظفر چيو ته تڪ بنديون جيڪڏهن غلط ٿيون ته ان کي اميدوار انفرادي حيثيت ۾ چئلينج ڪندو اهو ڪنهن پارٽي جو ڪم نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔