عمران خان توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي ۽ جيل ٽرائيل کي چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي ۽ جيل ٽرائيل کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

عمران خان طرفان درخواست سلمان اڪرم راجا ۽ بيرسٽر سمير کوسي داخل ڪئي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊٽ کي ڌر بنائيندي چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن غيرقانوني طور تي توهين ڪميشن جي ڪارروائي شروع ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن وٽ توهين ڪميشن جي ڪارروائي جو اختيار نه آهي.

درخواست گذار موجب اليڪشن ڪميشن انهي ڪيس ۾ جيل ٽرائيل جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو غيرقانوني آهي جيل ۾ ڳجهو ٽرائيل آئين جي آرٽيڪل 4 جي ڀڃڪڙي آهي.  لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن 13 ڊسمبر جي تاريخ جيل ۾ فرد جرم ڪارروائي لاءِ مقرر ڪئي آهي. عدالت اليڪشن ڪميشن جي جيل ٽرائيل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جو ٽرائيل اڊيالا جيل ۾ ڪرڻ جي منظوري ڏيندي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔